بولڊ تصويرن تي تنقيد جو شڪار پورن اداڪارا جو لاش هٿ

0
542

لاس اينجلس (شوبزنيوز) آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ فحش فلمن جي اداڪارا ڊڪوٽا اسڪائي پنهنجي موٽر هوم ۾ مئل ملي آهي. رپورٽن موجب 27 ورهين جي ڊڪوٽا جو اصلي نالو لورين اسڪاٽ هو ۽ هوءَ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ وين کي تبديل ڪري تيار ڪيل گهر (موٽر هوم) ۾ رهندڙ هئي. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا جو 9 جون تي لاس اينجلس ۾ موٽر هوم مان لاش مليو موت جو ڪارڻ سامهون ناهي اچي سگهيو. ميڊيا موجب اداڪارا جي لاش جي سڃاڻپ سندس مڙس ڪئي پر ان جو نالو به منظر تي ناهي آيو. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار هٿان قتل ڪيل جارج فلائڊ جي تصوير جي سامهون پنهنجون بولڊ تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته ڊڪوٽا اسڪائي 2013 کان پورن انڊسٽريءَ سان لاڳاپيل هئي.