چٽاگانگ(م ڊ) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ آئرلينڊ کي آئوٽ ڪلاس ڪندي ڊڪ ورٿ لوئس فارمولا تحت 22 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آئرلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو غلط فيصلو ڪيو. بنگلاديش جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي لٽن داس ۽ روني تعلقدار جي شاندار بيٽنگ سبب 207 رنسن جو جبل ٺاهيو. لٽن داس 47، روني 67، نجم الحسين شنتو 14، شميم حسين 30، توحيد هردوئي 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ڪپتان شڪيب الحسن 20 ۽ مهدي حسن ميراز 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. آئرلينڊ جي ڪريگ ينگ 2 هيري ٽيڪٽر، مارڪ اڊائر، گراهم هيوم، هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ مهمان ٽيم 8 اوورن ۾ 81 رنسون ٺاهيون ۽ 5 رانديگر آئوٽ ٿيا. برسات سبب راند ختم ڪئي وئي ته ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت آئرش ٽيم گهربل اسڪور کان گهٽ رنسون ٺاهيون جنهن ڪري بنگلاديش کي 22 رنسن تان فاتح قرار ڏنو ويو. پال اسٽرلنگ (ڪپتان) 17، راس اڊائر 13، لورڪن ٽڪر هڪ، هيري ٽيڪٽر 19 ۽ جارج ڊاڪريل بنا اسڪور جي آئوٽ ٿيا. گيرٿ ڊيلاني 21 ۽ ڪرٽس ڪيمڦر هڪ رنس اسڪور ڪئي. تسڪين احمد 4 ۽ حسن محمود هڪ وڪيٽ ورتي. شاندار ففٽي تي روني تعلقدار کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.