ٽنڊومحمدخان(رپورٽر) ٽائون ڪاميٽي بلڙي شاهه ڪريم جي ملازمن پاران کين گذريل 2سالن کان رهيل پگهارون نه ملڻ ۽ ناجائز طور تي ٽائون انتظاميه پاران ڪيل ڪٽوٽي خلاف سماجي اڳواڻ بلاول علي سومرو ، محمد هاشم ڪنڀار ، مختيار علي ، آصف راجپوت ، علي شير جمالي،شجاد علي ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي هنن چيو ته اسان جو گذريل 2 سالن کان مسلسل پگهار بند آهي ۽ ملازمن جي پگهارن مان ٽائون انتظاميه بغير ڪنهن جواز جي ناجائز طور تي ڪٽوٽي ڪري رهي آهي جيڪا اسان سان سرا سر ناانصافي آهي هنن چيو ته 2سالن کان پگهارون بند هجڻ ڪري اسان جا ٻچا فاقا ڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهن هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مسئلا جلد حل ڪرائي 2 سالن جون رهيل پگهارون ڏياريون وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.