برسات ڪراچي ۽ لاهور ۾ فرق ظاهر ڪري ڇڏيو: شهباز شريف جي بلاول تي تنقيد

0
65
برسات ڪراچي ۽ لاهور ۾ فرق ظاهر ڪري ڇڏيو: شهباز شريف جي بلاول تي تنقيد
برسات ڪراچي ۽ لاهور ۾ فرق ظاهر ڪري ڇڏيو: شهباز شريف جي بلاول تي تنقيد

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هڪ مهربان دوست وڏيون دعوائون ڪيون ته هن ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ وڏا ڪم ڪرايا،  برسات ڪراچي ۽ لاهور ۾ فرق ظاهر ڪري ڇڏيو، مهربان دوست بار بار  مناظري لاءِ چوندو رهيو، گذريل رات برسات  ۾ڪراچي ۽ لاهور جو مناظرو ٿي ويو

 نواز ليگ جي صدر شهباز شريف پ پ چيئرمين تي تنقيدي وار ڪندي چيو ته ڪراچي جهڙي صورتحال لاهور جي هجي ها ته بلاول کي چوان ها اچي منهنجي تڪ تي چونڊ وڙهي، مان اليڪشن ۾ بلڪل به حصو نه وٺان ها

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته بلاول ڀٽو کي حق حاصل آهي ته هو ڪٿان به اليڪشن وڙهي، ن ليگ سندس آڏو رنڊڪ بڻيل ناهي، اسان الزام ۽ تهمتون هڻڻ واري سياست ناهيون ڪندا نه وري دعويدار آهيون ته اسان هيڏا وڏا ڪم ڪرايا، ڪراچي ۾ شهري ٽينڪرز ذريعي پاڻي  وٺندا آهن

هن چيو ته لاهور ۾ ٽينڪرز ذريعي روڊ ڌوپجندا آهن، اليڪشن ۾ عوام بيلٽ باڪس ذريعي فيصلو ڪندو، لڳي رهيو آهي ته 8 فئبروري تي عوام ن ليگ کي واضح مينڊيٽ ڏيندو، واضح مينڊيٽ مليو ته به گڏجي هلنداسين، ادارا به مشاورت ۾ شامل آهن، جيڪڏهن ڪليئر مينڊيٽ نه آيو ته پوءِ ويهي غور ويچار ڪنداسين

هي به پڙهندا

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو ٻيهر شروع