ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو ٻيهر شروع

0
80

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو، مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب گهٽين ۽ گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو

موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي شهر ۽ ڀرپاسي اڄ سڄو ڏينهن  وقفي وقفي سان مينهن وسندو

بحريا ٽائون، سپر هاءِ وي، سرجساڻي، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، ناگن چورنگي، نارٿ ناظم آباد ۽ گلشن اقبال ۾ تيز برسات، لياقت آباد، طارق روڊ، نمائش، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ، ٽاور، لياري ۽ شير شاهه ۾ به وسڪارو پيو

 ٻن ڏينهن کان لاڳيتي برسات سبب ڪراچي شهر جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، مختلف روڊن ۽ انڊر پاسز ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري شهرين کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو، جڏهن ته رات کان وقفي وقفي سان جاري برسات سبب گهرن ۾ پاڻي بيٺل، شهري برسات دوران گهرن ۾ پاڻي ڪڍند رهيا