نندو شھر (ن پ ا ) وڏي وزير جي خاص مددگار پير نورالله قريشيءَ چيو آهي ته بدين ضلعي مان پاڻي بحران ختم ڪرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، شاخن جي پوڇڙ تائين وينداسين، پاڻي چوريءَ کي روڪينداسين، جيڪو به پاڻي چوري ۾ ملوث ھوندو، ان خلاف ڪيس داخل ڪرائبا. اها ڳالھه هن نندو ۾ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيڊا چيئرمين قبول کٽياڻ پڻ موجود هو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آھي. هن چيو ته جڏهن کان تبديلي حڪومت آئي آھي، تڏهن کان سنڌ کي نه فنڊز نه پيا ملن. ان موقعي تي پ پ ضلع بدين جو اڳواڻ حاجي مير ملاح، عبدالرحمان بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هئا. انهيءَ کان اڳ هنن ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي غلام نبي ميمڻ جي ڀاءُ حاجي عبدلستار ميمڻ سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي.