بدين شھر جي ٽي لک آبادي لاءِ  پيئڻ واري پاڻي جي واهه ۾ مئل جانور ترڻ لڳا

0
312
پيئڻ واري پاڻي جي واهه ۾ مئل جانور
بدين شھر جي ٽي لک آبادي لاءِ  پيئڻ واري پاڻي جي واهه ۾ مئل جانور ترڻ لڳا

بدين:  بدين شھر جي ٽي لک آبادي جي پيئڻ واري پاڻي جي تلاءَ ۾ مئل جانور ترڻ لڳا، شھرين جي شڪايتن تي انتظاميه ڪو به نوٽيس  نه ورتو .

بدين شھر جي وچان گذر ڪندڙ قاضيا واھ جنھن مان واٽر سپلاءِ زريعي ٽي لک آبادي واري شھر کي پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪيو ويندو آھي ۽ انھي واھ مان ھزارين ڳوٺن جا ھزارين ماڻھو پکي پکڻ ۽ ساحلي پٽي سميت لکين جانور به پاڻي پيئن ٿا پر انتظاميه جي غفلت ۽ ٽي ايم اي جي نا اهلي سبب شھري گندو ۽ زھريلو پاڻي واپرائي رھيا آھن،

جنھن ڪري بدين ۾ پيٽ جي سور سميت ڪيتريون ئي بيماريون ڦھلجي ويون آھن. سرڪاري توڙي نجي اسپتالون مريضن سان ڀريل آھن، انھي معاملي جو انتظاميا ڪو به نوٽيس ناھي ورتو.