”مون کي ريفرنس کان آجو ڪيو!“ خورشيد شاھ جي پٽ زيرڪ شاھ جي عدالت کان استدعا

0
251
خورشيد شاھ جي پٽ زيرڪ شاھ جي عدالت
”مون کي ريفرنس کان آجو ڪيو!“ خورشيد شاھ جي پٽ زيرڪ شاھ جي عدالت کان استدعا

سکر: خورشيد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري مامري ۾ خورشيد شاھ جي ننڍي پٽ زيرڪ شاھ پاڻ کي ريفرنس مان آجو ڪرڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي.

زيرڪ شاهه جو موقف آهي ته منھنجي ڪا به ملڪيت غيرقانوني ناھي، مون سرڪاري خزاني يا سرڪاري ملڪيت کي ڪو نقصان ناھي پھچايو، بيگناھ منھنجو نالو ريفرنس ۾ شامل ڪيو ويو آھي.

خورشيد شاھ جي فرزند ان کان اڳ احتساب عدالت کي ريفرنس مان آجو ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني ھئي، احتساب عدالت سکر زيرڪ شاھ جي اھڙِي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ھو .

خورشيد شاھ خلاف داخل ريفرنس ۾ زيرڪ شاھ جو به نالو شامل آھي. خورشيد شاھ جو وڏو پٽ ايم پي اي فرخ شاھ ساڳي ريفرنس ۾ جيل ۾ قيد آھي. خورشيد شاھ جي گرفتاريءَ کي سڀاڻي ٻه سال مڪمل ٿي ويندا،

کيس نيب سکر 18 سيپٽمبر 2019ع تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ھو. خورشيد شاھ جي ٻن پٽن سميت 18 ڄڻن خلاف ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ٿيل آھي.