بخشاپور ويجهو ڪارنهن تهمت مڙهي مڙس پنهنجي نوجوان زال کي ماري ڇڏيو

0
408
ڪراچي: اورنگي ٽائون

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي واري علائقي آرڊي 109 ٿاڻي جي حد نبي طالب جکراڻي ۾ جوابدار مڙس ڌُوڪر ولد منو جکراڻي مبينا ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ پنهنجي نوجوان گهرواري 27 ورهين جي شر گل خاتون کي بندوق جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مسمات شر گل خاتون کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارث حوالي ڪيو ويو آهي.