بخشاپور: شادي رات ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل ڪنوار جو لاش نه مليو

0
276

بخشاپور: گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪچو کاهي ۾ جوابدار مڙس رشيد بنگوار پنهنجي ڀائرن سان گڏجي پنهنجي نوجوان گهرواري مسمات صغيران ڌي امام بخش بنگوار کي مبينا ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو هو .بخشاپور گبلو پوليس مقتولا جي لاش جو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود هٿ ڪري نه سگهي آهي ۽ نه وري قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي. مقتولا جا وارث ٻن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن. مقتلا جي وارث گامڻ بنگوار جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن کان گبلو پوليس لاش ڳولڻ ۾ مدد بجاء ٺلها آسرا پئي ڏي، هن وقت تائين پوليس نه جوابدار گرفتار ڪيا آهن نه لاش هٿ ڪري سگهي آهي.