ڪنري ڀرسان باغ مان انب پٽڻ تان ڪمدار جو ٻن معصوم ٻارن تي وحشياڻو تشدد

0
203

ڪنري: بودر فارم ٿاڻي جي حد ۾ ميگھواڙ پاڙي ۾ ڪمدار سومار راڄڙ پاران انب پٽڻ تان 13 سالن جي وجيش ميگھواڙ ۽ 11 سالن جي راجيش ميگھواڙ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. نينگرن کي وارث بودرفارم ٿاڻي تي وٺي پھتا، پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيا. متاثر نينگر جو چوڻ هو ته اسان ٻنيءَ ۾ گاھ ڪرڻ وياسين ته ڪمدار انب چوري ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي اسان کي مارڪٽ ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. ڪمدار ڪافي ڪلاڪن تائين ڪمري ۾ بند ڪري رکيو، لٺين ۽ جُتين سان سخت مارڪٽ ڪئي. متاثر نينگر جي وارثن مطالبو ڪيو ته ڪمدار اسان جي گھرن تي اچي ڌمڪيون ڏنيون، غريب ماڻھو آھيون انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪمدار سومار جو موقف هو ته ٻارن باغ مان انب چوري ڪيا جنھن جي منع ڪئي جنھن بعد آئون ٻني وٽان گذري رھيو ھئس ته ميگھواڙن مون تي حملو ڪري سخت مارڪٽ ڪئي آھي. پوليس ڪمدار کي به ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، ڪمدار علاج لاءِ سامارو اسپتال مان حيدرآباد منتقل.