بحريه ٽائون ڌرڻو ۽ تشدد جي ذميواري

0
356
مشرف جي ايجنڊا کڻي هلندڙ عمران حڪومت جو انجام

بحريه ٽائون ڌرڻي جي موقعي تي ٿيل ڀڃ ڊاھه ۽ باھيون ڏيڻ جا واقعا افسوسناڪ آھن جن کي جواز بنائي سنڌي ماڻھن جي ھڪ پرامن ڌرڻي کي پرتشدد بنايو ويو. اھا صورتحال ھاڻي گھڻو واضح ٿي چڪي آھي ته ڀڃ ڊاھ ڪندڙ ٽولا بحريه ٽائون جي اندر ڪيئن داخل ٿيا ۽ اتي بي فڪر ٿي جنھن طرح ڀڃ ڊاھه لٽ مار ۽ باھيون ڏيڻ جا واقعا ڪري رھيا ھئا ۽ جيئن سيڪيورٽي ادارا ان پٽ تان ئي گم ھئا ان ھڪ وقت ۾ ايم ڪيو ايم جي من مستي ياد ڏياري ڇڏي،
جڏھن اھي ھڪ خاص آشيرواد سان سڀ وارداتون ۽ ڪارروايون ڪري مزي سان نڪري ويندا ھئا ۽ انھن جو ڪوبه نالو نه وٺي سگھندو ھو. جيتوڻيڪ بحريه ٽائون آڏو لڳندڙ ھن ڌرڻي جو مقصد عمومي طرح ھائوسنگ سوسائٽين ۽ وڏن ٽائون شپ منصوبن جي زد ۾ ايندڙ قديم ڳوٺن ۽ آبادين جي تحفظ لاءِ آواز اٿارڻ ھو پر اھا به حقيقت آھي ته ان جو سڌو ٽارگيٽ بحريه ٽائون، سنڌ حڪومت ۽ آصف زرداري ھئا. جيڪڏھن ان ڌرڻي جو بحريه ٽائون بدران ڪنھن ٻي قبضيداريءَ آڏو اعلان ڪيو وڃي ھا ته ان کي ايڏي موٽ نه ملي سگھي ھا.
بحريه ٽائون کي سنڌ حڪومت جي اختيار ھيٺ ڏنل زمين ۾ رعايتن جو ڀانڊارو جڏھن ڪورٽ ۾ پڌرو ٿي پيو اتي به حڪومت اھو موقف اختيار ڪيو ته ان کي ڪوبه نقصان نه ٿيو آھي ان سنڌ حڪومت کي بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض جي کليل حمايتي ڪري بيهاريو. ملڪ رياض پاران ڪورٽ آڏو 460 ارب رپين جو فرق ڀري ڏيڻ جي آمادگي کيس الاٽ ٿيل زمين ۾ ھيرا ڦيري ۽ قبضي گيري تي مھر ھئي. غلط يا صحيح ڪورٽ جي طرفان انھي ڏس ۾ فيصلي کانپوءِ ھي معاملو باوجود اعتراضن جي اتي ٿڌو ٿي ويو ھو پر ڏاٺ ھريل نه مڙيا ۽ رھيل ڳوٺن کي بيواھو سمجھي انھن تي ھلائون ڪيون. ممڪن آھي ته سنڌ جي زمينن تي ٿيل ٻيا ڪيس بحريه ٽائون کان به وڏا ھجن پر اھي ڌريون حڪومتن جي مٿان حاوي ۽ وڌيڪ طاقتور ھئڻ ڪري اھي يا شايد انصاف جوگھنڊ به خاموش رھندو آھي. سياسي حڪومتون انھن ڌرين جو جزيو ڀرڻ کان سواءِ ھلي نه سگھنديون آھن جيڪي ڪنھن کي ڪو حصو پتي به نه ڏينديون آھن انھن کان قبضا ڇڏائڻ يا حساب ڪتاب ڪرڻ جوکم جو ڪم ھجي ٿو جيڪو حڪومتن جي وس ۾ به نٿو ھجي سنڌ ايڪشن ڪميٽي به انھن پٽن تان ٽري بحريا ٽائون آڏو احتجاج ۾ عافيت سمجھي. انھن سنڌ جي ماڻھن ۾ بحريا ٽائون معاملي تي حڪومت خلاف اڳيئي موجود ردعمل جي ڪري ڌرڻي جي سڏ کي ڀرپور موٽ ملي. ايڪشن ڪميٽي جي پارٽين ڌرڻي کي ڀرپور ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون ان کان گھڻو وڌيڪ اھو جذبو ھو جيڪو ھزارين سنڌين کي بنا ڪنھن پارٽي فرق جي ڇڪي وٺي آيو ھو. سنڌين جو ايئن گڏ ٿيڻ قابض قوتن کي ڪڏھن به ھضم نه ٿيو آھي. سنڌين جي ھن پرامن مظاهري کي ڀڃ ڊاھه، باھين، تشدد ۽ افراتفري جي ور چاڙهڻ جي لاءِ ذميواري جو تعين ٿيڻ تمام ضروري آھي. حڪومت سڄي صورتحال لاءِ ايڪشن ڪميٽي کي ذميوار قرار ڏئي رھي آھي. جيڪڏھن پارٽين مان ڪنھن ڀڃ ڊاھه ڪئي آھي ته سيڪيورٽي جا حڪومتي ۽ رياستي ادارا ڪٿي ھئا! پارٽين سميت سماج جي مختلف حصن ۾ ھاڻي انھن پنھنجي انفرميشن چينلز جي ڪافي رسائي حاصل ڪري ورتي آھي، ھي ڪھڙي ماجرا ھئي جو انھن کي ھوا به نه لڳي ته ھيڏي وڏي پروگرام ۾ ڪا اھڙي تخريبي صورتحال پئدا ٿي سگھي ٿي جو ان جي اڳواٽ تدارڪ جي تدبير ٿي سگھي. سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنٽس ادارن جي اھا رڳو ڪوتاھي نه پر سندن پنھجي ڊيوٽي ۾ اھڙي مجرماڻي غفلت آھي جنھن سان ڪيترائي سوال اٿن ٿا. جيڪڏھن انھن طرفان واسطيدار اختيارين کي بروقت آگاھه ڪيو ويو ھو ته انھن اختيارين کي ذميوار ھجڻ کان آجو نه ٿو ڪري سگھجي.
واقعي کي ٽي ڏينھن گذري چڪا آھن حڪومت ان جي انتظامي ۽ سيڪيورٽي ليپسز تي اٿيل سوالن جو ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگھي آھي. رهندو ڌرڻي مان موٽندڙ مردن عورتن کي جن جو ڪنھن به طرح ڀڃ ڊاھه سان ڪو واسطو نه ھو راھه ويندي گرفتار ڪري سرڪاري خانه پوري ڪئي وئي. ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي ايف آءِ آر ۾ ملوث ڪري انھن کي گرفتار يا دٻاءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي جنھن سان سنڌ ۾ سياسي ڪشيدگي ۽ عوام ۾ حڪومت جي مخالفت وڌندي. ھن وقت سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار جي سنڌ سان پاڻي، فنڊن، ترقياتي اسڪيمن، بجيٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ٻه اکيائي ۽ ناانصافين خلاف سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاري رھي آھي ان جي طرفان سنڌي ماڻھن جي وڌ کان وڌ حمايت يا ھمدردي حاصل ڪرڻ بدران ڪن مخصوص ڪاروباري مفادن کي اھميت ڏيندي نظر اچڻ خود ان جي پنھجي مفاد ۾ به ڪونھي. حڪومت طرفان ڪيترو به “قانون” ۽ طاقت جو استعمال ڪيو وڃي اھو سنڌ جي عام راءِ کي ان جي وڌيڪ خلاف ڪندو. ضروري آھي ته غير جانبدار عدالتي ڪميشن ذريعي حقيقتون واضح ٿيڻ گھرجن.
ذميواري جو تعين ٿيڻ بدران معاملي کي رڳو انتظامي اختيارن سان لئه مٽي ڪرڻ سان بحريا ٽائون ۽ ٻين ادارن يا ڌرين جي قديم وسندين تي قبضيداري جي خلاف سجاڳ سنڌي ماڻھن کي مطمئن ڪري نه ٿو سگھجي. ھتي ھڪ ٻيو مسئلو به غور طلب آھي ته بحريا ٽائون اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاھه ۽ تخريب ڪاري ڪندڙ ملڪ مخالف نعرا ھڻي رھيا ھئا. اطلاع آھن ته روايتي طرح ملڪ جي خلاف به نعريبازي ڪئي وئي. ۽ اسٽيج تان جيتوڻيڪ انھن کي روڪڻ ۽ ساڻن لاتعلقي جا اعلان ڪيا پئي ويا پر ان نعريبازي حڪومت کي ڌرڻي ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن کي ذميوار ھجڻ جو جواز فراھم ڪيو آھي. آخر ايئن ڇو ٿو ٿئي ته سنڌي ماڻھن جي گڏ ٿيڻ جي ھر پروگرام کي اھو ادبي فيسٽيول ھجي، ثقافتي يا ڪو سياسي پروگرام ان کي منتشر ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي ڪنھن ٽولي طرفان ملڪ جي خلاف نعرن جو ڪامياب ھٿيار طور استعمال ٿئي ٿو. نظر ايئن ٿو اچي ته انھن نعرن جو استعمال ان جي حامين بدران مخالف وڌيڪ ڪري رھيا آھن. ان نعرن جي حامي قيادت ان تي غور ڪري ۽ گھٽ ۾ گھٽ مختلف سوچون ۽ خيال رکندڙ سنڌي ماڻھن جي گڏيل قومي پروگرامن کي اھڙي نعري بازي جي ور چاڙهڻ کان بخش ڪري.