بحريا ٽائون واقعي بابت ٻڌڻي: جلال محمود شاھ، قادر مگسي ۽ ٻيا اڳواڻ عدالت پھتل

0
241

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بحريه ٽائون واقعي بابت داخل دهشتگرديءَ جي ڪيسز تي ٻڌڻي ٿيڻ واري، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جلال محمود شاهه سوڌو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا ٻيا اڳواڻ عدالت پهتل، ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، بحريا ٽائون پاران سنڌي وسندين تي مبينا قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو ھو، جنھن کانپوءِ ڌرڻي دوران ڀڃ ڊاھ ۽ باھ جي واقعن کانپوءِ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارروايون شروع ٿيون، ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ٿي چڪا آھن.