مون کي ۽ فيملي کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن: ميرا

0
195

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) اداڪاره ميرا چيو آهي ته پوليس جي طرفان هن جي ملڪيت تي قبضو ناڪام بڻايو ويو آهي پر اڃا تائين هن کي ۽ سندس خاندان کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته جائيداد تي مبينا قبضي جا 5 جوابدار گرفتار آهن پر مک جوابدار ميان شاهد فرار آهي، وزيراعظم کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي جوابدارجو نالو اي سي ايل ۾ وجهي، ان موقعي ميرا جي والده شفقت زهراه انڪشاف ڪيو ته سياسي اڳواڻ مرحوم مخدوم امين فهيم 15 سال اڳ ميان شاهد سان ان جي ملاقات ڪرائي هئي جنهن بعد هو هن جو پٽ بڻيل رهيو، ٻئي پاسي مک جوابدار ميان شاهد محمود ڪيس داخل ٿيڻ تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو هو جنهن ۾ هن ميرا تي فراڊ جو الزام لڳايو هو، جوابدار اهو به ٻڌايو هو ته هو سمنڊ پار پاڪستاني برطانوي شهري آهي، مان ميرا جي والده شفقت زهره کان 10 ڪروڙ روپين جي پراپرٽي خريد ڪئي، 9 ڪروڙ ادا ڪري قبضو حاصل ڪيو، جوابدار جو موقف آهي ته هن کي رجسٽري جو مطالبو ڪرڻ تي قبضا گروپ مشهور ڪيو ويو پر ادائيگي جي رسيدون ۽ پراپرٽي جا جا ڪاغذ هن وٽ موجود آهن.