بجيٽ: سنڌ جون حالتون تبديل ڇو نٿيون ٿين؟

0
216
ذهني ۽ نفسياتي مريض ۽ رازداريءَ واري قانون جي ڀڃڪڙي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جنهن وٽ سنڌ جي خزاني واري وزارت جو قلمدان پڻ آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 24-2023ع جي 2244 ارب رپين جي، 37 ارب، 79 ڪروڙ رپيا خساري واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. گريڊ هڪ کا گريڊ 16 جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو، گريڊ 17 کان گريڊ 22 جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ۽ پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني ويئي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 33 هزار، 750 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 160 ارب، تعليم لاءِ 353 ارب ۽ صحت لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نئين مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 410 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. مڪاني ترقياتي بجيٽ 62 ارب، ضلعن جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. امن امان لاءِ 153 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پوليس لاءِ ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ 2.796 ارب رپيا رکڻ جي تجويز نئين مالياتي بل ۾ شامل آهي.

وفاقي بجيٽ کان پوءِ خيرن سان سنڌ جي بجيٽ به اچي ويئي آهي. هونئن ته هن ملڪ ۾ هر سالياني بجيٽ چلڪڻي غلاف ۾ سُورن جي سُتي هوندي آهي. سهڻي پئڪنگ ۾ اندر اهو ڪوجهو وکر هوندو آهي ۽ ڀلي کڻي بجيٽ اعلان ۽ منظوريءَ وقت ڪيتري به کڻي عوام دوست هجي پر ان مان عوام کي حقيقي معنيٰ ۾ ڪيترو لاڀ ملندو، اهو اصل معاملو آهي. بجيٽ ته هر سال ايندي آهي، بجيٽ ۾ ته اربين روپيا سنڌ جي ترقيءَ، روڊن رستن، امن امان، تعليم ۽ صحت سميت مختلف سهولتن لاءِ رکيا ويندا آهن، پر ائين ڇو آهي، جو سنڌ جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي، سنڌ ۾ امن کي امان ڪونهي، قانون هائبرنيشن ۾ هليو ويو آهي. امن امان لاءِ پئسا ته هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ به رکيا ويا هئا، پر سنڌ جي اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعن ۾ هن وقت ڌاڙيلن جو راڄ آهي، ماڻهو اغوا پيا ٿين. ڪنهن کي به يقين ڪونهي ته اهو گهران نڪرڻ کان پوءِ وري صحيح سلامت گهر پهچي سگهندو. معصوم ٻارڙا به ڀُنگ خاطر اغوا پيا ٿين. هن ڀيري پوليس لاءِ آرمي گريڊ جي هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ به رقم رکي ويئي آهي، جيڪي هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهن، پر “پڪي جي ڌاڙيلن” جو خاتمو ڪيئن ڪيو ويندو؟ اهو غير واضح آهي. سنڌ جي تعليم جي حالت بنهه خراب آهي. نه بجلي، نه پاڻي، نه واش روم، نه چوديواري، نه فرنيچر. ٻهراڙين جي اسپتالن ۾ نه ڊاڪٽر ٿا ويهن ۽ نه ئي دوائون آهن. توڙي جو بجيٽ ۾ ته هر سال رقم رکجي ٿي. اها رقم ڪٿي ٿي خرچ ٿئي، اصل سوال ته اهو آهي. صحت جي سهولتن جي حوالي سان صرف اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ جا مثال ڏيئي ماڻهن کي ڀنڀلائي نٿو سگهجي! ڏيڍ ڏهاڪي کان هڪ ئي جماعت جي حڪمراني آهي، هر سال بجيٽ اچي ٿي، پر سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ڪونهي. صحت ۽ صفائيءَ جون سهولتون ناهن، ميونسپل سهولتون ناهن، اهڙيون حالتون ڏسي ماڻهو بجيٽ جو ڪهڙو جشن ملهائين؟ حد ته اها آهي ته منتظمين ۾ ترقياتي بجيٽ به خرچ ڪرڻ جي اهليت نه آهي. هر سال اهو مسئلو ٿئي ٿو پر ڪير پڇڻ وارو ڪونهي.

سنڌ حڪومت به وفاقي حڪومت وانگر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙي تائين واڌ ڪئي آهي ۽ پينشن به 17.5 سيڪڙو وڌائي ويئي آهي. البته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان وڌيڪ ڪئي آهي، جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي، اها جدا ڳالهه آهي ته هن مهانگائيءَ جي دور ۾ ان رقم مان 6 ڀاتين واري هڪ ڪٽنب جو گذارو مشڪل آهي. اسان هتي رڳو اهو ٿا چئون ته بجيٽ ۾ رکيل رقم سنڌ تي شفاف نموني خرچ ٿيڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ جي حالتن ۾ تبديلي نظر اچي.