ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ بجيٽ روڪڻ لاءِ اپوزيشن جو اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو، دروازن کي تالا هڻي ڇڏيا، هنگامو، پوليس جي لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال، بڪتربند گاڏي ٽڪر هڻي اسيمبلي جو گيٽ توڙي ڇڏيو، 2 ميمبر زخمي، وزيراعليٰ تي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ پهچڻ تي جوتا اڇلايا ويا، اپوزيشن جي هنگامي ۽ شديد احتجاج باوجود بجيٽ پيش ڪئي وئي. بجيٽ ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪندڙ اپوزيشن ميمبرن بجيٽ سيشن کي روڪڻ لاءِ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻي اسيمبلي جي دروازن کي تالا هڻي ڇڏيا، دروازا کولرائڻ جي ڪوششن تان اپوزيشن ميمبرن ۽ پوليس ۾ منهن ماري ٿي پئي، ڪارڪن سان اهلڪار هٿين پئجي ويا، هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا، ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ تي پوليس ۽ انتطاميا زوري گيٽ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بڪتربند گاڏي سان ٽڪر هڻي گيٽ ٽوڙي ڇڏيو، لٺبازي ۾ 2 ميمبر بابو رحيم ۽ عبدالواحد صديقي زخمي ٿي پيا، پوليس مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو به استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعليٰ ڄام ڪمال ۽ وزيرن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ ايوان ۾ آندو ويو ته هنگامن ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي ۽ گملا ۽ دروازن جا شيشا ٽٽي پيا، وڏو وزير ڄام ڪمال ايوان ۾ پهتو ته مٿس جوتا اڇلايا ويا، بجيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اسيمبلي جو احاطو ميدان جنگ بڻجي ويو، اپوزيشن پارٽين بجيٽ اجلاس 4،5 ڏينهن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي اسيمبلي جي گهيراءُ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته لٺبازي بعد اپوزيشن سڄي صوبي ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو ۽ چوڻ ته جيستائين اسان جا مطالبا قبول نٿا ڪيا وڃن، اسان بجيٽ پيش ٿيڻ نه ڏينداسين، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو ته بجيٽ اپوزيشن ڌرين سميت بلوچستان جي سڄي عوام لاءِ آهي، اڄ اسان اهو ڏٺو جيڪو بلوچستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو، عورت ميمبر تي به حملو ڪيو ويو، ان تي گملو اڇلايو ويو، اسيمبلي جي عمارت کي نقصان پهچايو ويو، اپوزيشن ميمبرن تي ڪيس به داخل ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جو احتجاج ترقياتي اسيڪمن لاءِ آهي ته آئون ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

ڪوئيٽا: بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي شديد احتجاج باوجود مالي سال 2021-22 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، صوبائي ناڻي وزير ظهور احمد بليدي ايندڙ مالي سال لاءِ 584 ارب جي بجيٽ پيش ڪئي، اسيمبلي ٻاهران اپوزيشن جي احتجاج جي وقت بجيٽ پيش ڪئي وئي، ناڻي وزير بجيٽ تقرير ڪندي ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال لاءِ بلوچستان جي ڪُل بجيٽ 584 ارب آهي، جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ لاءِ 179 ارب 19 ڪروڙ رپيا ويا آهن، خسارو جو ڪاٿو 84 ارب 7 ڪروڙ لڳايو ويو آهي. ناڻي وزير موجب هلندڙ اسڪيمن لاءِ 112 ارب 54 ڪروڙ، نيئن اسڪيمن ترقياتي اسڪيمن لاءِ 76 ارب 65 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا، شاهراهن تي ايمرجنسي سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن، بولان ميڊيڪل ڪالج ۾ ٻن هاسٽلز جي تعمير لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 3 ارب 60 ڪروڙ رکڻ جي تجويز ڏني وئي، صوبائي وزير چيو ته هيلٿ ڪارڊ سان 18 لک 75 هزار خاندانن کي علاج جي سهولت ملندي، سمورا ماڻهو 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهندا. ناڻي وزير چيو ته بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، ايندڙ سال ۾ 5 هزار نيون اساميون رکيون ويون آهن، ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، تعليم لاءِ 71 ارب، صحت لاءِ 38 ارب ۽ امن امان لاءِ 52 ارب رپيا رکيا ويا آهن.