باڊھه (ن پ ا) ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس کي 5 ڏينهن اڳ لاوارث حالت ۾ هٿ آيل 17 ورهين جي نينگر جي وارثن جو اڃا تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي، ويهڙ ٿاڻي تي موجود نينگر پنهنجو نالو محمد حسين ۽ والد جو نالو فدا حسين بروهي ۽ قمبر ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌائي رهيو آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته اسان قمبر ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ٿاڻن تي نينگر بابت اطلاع ڏنو آهي.