حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صحت کاتي پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي صحافين کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳائڻ لاءِ پريس ڪلب تي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊي ايچ او حيدرآباد ڊاڪٽر لالا جعفر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا هڪ عالمي وبا آهي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ تيزي سان عوام جي ويڪسين ڪئي پئي وڃي. ويڪسين سان ئي وبا کي مات ڏئي سگهجي ٿي. ڪورونا وبا کان بچاءُ حاصل ڪرڻ لاءِ ويڪسين لازمي لڳرائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪجهه بي عقل ماڻهو سوشل ميڊيا تي ويڪسين خلاف منفي پروپيگنڊا ڦهلائي رهيا آهن پر ان ۾ ڪا به صداقت نه آهي ان لاءِ عوام ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ هن وقت تائين 2 لک ماڻهن جي ويڪسين ڪئي وئي آهي. ويڪسين لاءِ ضلعي جي چئني تعلقن ۾ ويڪسين سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح ڊي ايچ او ڊاڪٽر لالا جعفر ۽ سندس ميڊيڪل ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو.