باڊهه ويجهو رائيس ڪئنال مان هٿ آيل نينگر جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
246

باڊهه (ن پ ا) باڊهه ويجهو رائيس ڪئنال مان هٿ آيل نينگر جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، نينگر جي سڃاڻپ نئون ديرو جي ڳوٺ واري وارا شر واسي صدورو پٽ محرم شر طور ٿي آهي، نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته صدرور گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جي ڏاڍي ڳولا به ڪئي، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.