بابا فوت ٿي ويو، امڙ به بيمار آهي، ڀاءُ ۽ ڀينرون بک تي آهن: اڪري چودڳي ۾ نينگر جي اپيل واري وڊيو وائرل

0
280

اڪري چودڳي: اڪري چودڳي ۾ ٻوڏ متاثر معصوم نينگر جي هٿ ٻڌي اپيل ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو ۾ نينگر چوي ٿو ته والد فوت ٿي ويو، امڙ به بيمار آهي، معصوم ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڪفالت ڪرڻ کان لاچار آهيان، ٻوڏ ۾ گهر ڊهڻ بعد روڊ تي ترپال ٽنگي رهون ٿا

ٻارڙو لڙڪ لاڙيندي چئي رهيو آهي ته بيمار امڙ، معصوم ڀينرن ۽ ڀائرن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اپيلون ۽ دانهون ڪرڻ باوجود ڪنهن به اسان جي سار ناهي لڌي

ٻارڙو وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته سرڪار ۽ سرندي وارن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪريان ٿو ته اسان يتيم ٻارن جي سار لهو، هاڻي ته بُک به برداشت نٿي ٿئي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ کانپوءِ بُک ۽ بيمارين جا ڪلور، ٻارن تڙپڻ جا جيءُ جهوريندڙ منظر

وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل ختم ٿي ويو، ڇا اِن کي بهتر ڪارڪردگي پيا سڏيو: عدالت طرفان ڊي سي ڄامشورو کي ڇنڊ