وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل ختم ٿي ويو، ڇا اِن کي بهتر ڪارڪردگي پيا سڏيو: عدالت طرفان ڊي سي ڄامشورو کي ڇنڊ

0
318

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ڊي سي ڄامشورو کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته جنهن ٻيڙي ۾ وڏو وزير سوار هجي ۽ اُن جو پيٽرول ختم ٿي وڃي، ڇا اِن کي بهتر ڪارڪردگي پيا سڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي سي ڄامشورو کي ڇنڊ پٽي

ڊي سي ڄامشورو رٽائرڊ ڪيپٽن فريد الدين مصطفيٰ رپورٽ پيش ڪندي دعويٰ ڪئي ته ضلعي ۾ ڪابه شڪايت ناهي

جسٽس امجد علي سهتو ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته جيڪو ڊي سي وڏي وزير جي دوري کي اهميت نه ڏئي ۽ عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿئي، اُن مان ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي

ڊي سي صاحب! توهان جي ڪارڪردگي خراب آهي، پاپي جي ٿيلهي ۽ هڪ جوس لاءِ ٻوڏ متاثرن جي تذليل ڪريو ٿا، توهان کي دربدر ٿيل ماڻهن جو ڪوبه احساس ناهي

عدالت ڊي سي کي چيو ته هاڻي ڪنهن کي لٺ لڳي ته ايس ايس پي عدالت ۾ هوندو

ڊي سي ڄامشورو طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻيڙيءَ جو پيٽرول ختم ٿيڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن سي ايم هائوس جي ترجمان تصديق ڪئي هئي ته وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل ختم ٿيو هو

ھي به پڙھندا

ڀان سيدآباد: ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻيڙيون ڪاهڻ تان جهيڙو، 10 زخمي

ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ لاٿ رڪارڊ