واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر بائيڊن چين جي وڌيڪ 28 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي، بائيڊن اڳوڻي صدر ٽرمپ جي روايت کي برقرار رکندي چيني ڪمپني تي پابندي لڳائي، ٽرمپ دور ۾ به چين جي 31 ڪمپنين تي پابندي لڳائي وئي هئي، جنهن کي پڻ برقرار رکيو ويو آهي، اهڙي ريت آمريڪا پاران پابندين هيٺ آيل چيني ڪمپنين جو انگ 59 ٿي ويو آهي، ڄاڻايل پابنديون 2 آگسٽ کان لاڳو ڪيون وينديون.