اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پرچي تي پارٽي چيئرمين ٿيندڙ جون ملڪي معيشت بابت ڪوڙيون ڳالهيون عوام کي گمراهه نه ٿيون ڪري سگهن، جن کي آءِ ايم ايف جي قرض جو درد آهي اهي سوئيز بينڪن ۾ پيل پيسا واپس آڻين، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ماضيءَ ۾ اين آر او وٺندڙ اڄ وري اين آر او جي ڳولا ۾ آهن پر ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو، هن چيو ته ڪالهه تائين اتحادي بڻيل اڄ هڪ ٻئي جا دشمن بڻجي چڪا آهن، هن چيو ته سنڌ اندر انڌير نگري چرٻٽ راج آهي، بدين ۾ سڌي ريت پاڻي جا ڪنيڪشن ڏنا ويا، سکر کان ڪوٽڙي لاءِ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو ته اڌ پاڻي چوري ٿي وڃي ٿو.