اڳتي اوندهه ٿي لڳي

0
111
ارمانن-جي-هجومن-۾-اڪيلو-ايندڙ-سيارو

  هيل برسات ڏاڍي وٺي آھي، ان سان جيڪو نقصان ٿيو آھي، ان جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آھي. ماڻھو ٻوڏ سبب پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي بيوسي جي حالت ۾ ھڪ نئين دنيا وسائي وڃي روڊن جي ڪنارن کان کلئي آسمان هيٺ ويٺا آھن. حڪومت عالمي امداد لاءِ پڪاري رهي آھي، اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاڪستان اچي ٻوڏ واري صورتحال تي افسوس ڪرڻ سان گڏ عالمي دنيا کي پاڪستان جي مدد جي اپيل به ڪئي، ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ھيلوڪين برساتن جي تباهي هن صدي جي وڏي ۾ وڏي تباهي آھي. ماحولياتي ڄاڻن جو خيال آھي ته ماحولياتي تبديلين سبب دنيا ۾ اهڙيون تباهيون اوس اينديون رهنديون آھن، جڏهن کان انسان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ رهائشي عمارتون، فيڪٽريون، ڊيم ۽ ڳريون مشينريون جوڙيون آھن، تڏھن کان ماحولياتي گدلاڻ وڌي آھي، جنهن ڪري دنيا ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ طوفانن جا خطرناڪ سلسلا شروع ٿيا آھن. قدرتي تباهڪارين جو وقت مقرر نه هوندو آھي، سٺا سال به ايندا آھن ته خراب وقت به اچي ويندو آھي. دنيا ۾ تباهين جي تاريخ به ڏاڍي ڀوائتي آھي، جڏھن دنيا جي تباهين جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. دنيا جي وڏي شھر ميڪسيڪو ۾ 1985ع ۾ جاڙا زلزلا آيا، جنهن ۾ ويهه هزار ماڻھو ماريا ويا هئا، نومبر 1985ع ۾ ھڪ رات تمام وڏو ستل جوالا مکي جاڳي اٿيو ۽ باهه اوڳاڇڻ لڳو، جنهن سبب پنجويهه هزار اهڙا ماڻھو مارجي ويا، جيڪي گهري ننڊ ۾ ستل هئا.

1556ع ۾ چين جي جابلو چوٽي تي هڪ زلزلو آيو، جنهن ۾ ٽياسي هزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا هئا. 1883ع۾ ھڪ ننڍي ٻرندڙ جبل وارو جزيرو ڪراڪوٽا، جيڪو جاوا ۽ سماترا جي وچ ۾ ھو، ڦاٽي پيو هو، جنهن سان به ڪافي نقصان ٿيو هو ۽ اتان جي ماڻھن ۾ خوف جي لهر ڇانئجي وئي هئي. 1980ع ۾ آمريڪا جي اتر اولھه ۾ ھڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ به ڪافي ماڻھو فوت ٿيا هئا، ان ڌماڪي مان اٿندڙ دونهن ۽ وهندڙ لاون کي ٽي وي تي وهندي ڏيکاريو ويو، آمريڪن، مائونٽ سينٽ ھيلن جي ان حادثي کي خوفناڪ حادثو قرار ڏنو هو. ڪيليفورنيا ۾ 1811ع کان جهٽڪن جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو 1812ع ۾ ھڪ وڏي زلزلي ۾ تبديل ٿيو، جنهن سان نه رڳو مسيسپي درياء ڪيترن ئي هنڌن تان پنهنجو رستو بدلايو پر ڪيئي ڌٻڻون به سڪي ويون.

چيو وڃي ٿو ته 65000000 هزار سال اڳ به وڏي تباهي آئي هئي، جنهن سان ڊائينوسار سميت نوي سيڪڙو جانور ۽ ٻوٽا ختم ٿي ويا هئا. ڪجھه سائنسدانن جو خيال آھي ته هر 26000000 سالن کان پوءِ وڏوحادثو ٿيندو آھي، پر دنيا ۾ ٿوري ئي وقت ۾ طوفان اچڻ، موتمار برساتون پوڻ، زلزلا ۽ زميني جهٽڪا لڳڻ جهڙا خوفناڪ واقعا ٿيندا رهن ٿا. انهن تباهڪارين ۾ اضافو ٿيندو رهيو آھي. اسان هن دور جي خراب وقت ۾ گذاري رهيا آھيون، هيلوڪين برساتن جتي گلگت جي پهاڙين جي هيٺاهن علائقن کي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ ورتو آھي، ته اتي بلوچستان، سنڌ ۽ سرائيڪي جي علائقن به کي ٻوڏي تباهه ڪري ڇڏيو آھي. اهو برساتي نقصان ناقابل برداشت ضرور آھي، پر ان جا ذميدار اسان خود به آھيون، اسان پاڻي جا لنگهه بند ڪري اتي يا ته قبضا ڪري ڇڏيا آھن يا وري گهر اڏي ڇڏيا آهن، حڪومت جي ڪوتاهي پنهنجي جاءِ تي ضرور آھي، پر حڪومت تي ڀاڙڻ ۽ ان ساري تباهي جو ان کي ذميدار قرار ڏيڻ ٺيڪ ناهي. سوشل ميڊيا جي ھن تيز دور ۾ افسوسناڪ معاملو اهو آهي ته اسان هزارين ٻوڏ متاثر ماڻھن کي پنهنجي اکين سان بک بدحالي، بيماري ۽ دربدري واري زندگي ۾ ڏسي رهيا آھيون، ۽ ڪجھه به نه ٿا ڪري سگهون، اها خبر ناهي ته اهڙن ماڻھن جو اڳيان هلي ڇا ٿيندو؟ پورهيت ماڻھن جي زندگين ۾ طوفان، برساتون، ٻوڏون، ڏڪار ۽ غذائي کوٽ جا شديد خطرا رهڻا آھن، جڏھن قدرتي آفتن ۾ نقصان ٿي ويندو آھي، ته اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ويندو آھي، ته ڪيترا انسان فوت ٿيا ۽ ڪيترن ملين ڊالرز جي ملڪيتن کي نقصان پهتو. اهو ئي سبب آھي جو جيڪا تباهي اڳيان هلي ٿيندي آھي، اها اڳي جي تباهين کان وڏي لڳندي آھي، ان جو ڪارڻ زمين تي انساني آبادي جو روزبروز وڌندو رهڻ آھي.

سڌريل دنيا جي انسان چنڊ تي تجربا شروع ڪري ڇڏيا آھن، انهن ماڻھن ڄڻ ته نئين ڪانئات وڃي وسائي آھي. اسان ته فقط ڌرتي تي رهي ڪهڪشان کي ڏسي رهيا آھيون. اسان کي فضا ۾ ھڪ روشني جي لڪير نظر اچي ٿي، ان جي ويجهو ستارن جا ميڙ آھن، اسان کي ستارن ۽ ڪهڪشان جي روشني جي نقطن کان سواءِ اونداهي نظر ٿي اچي، جيڪا روشن نقطن ڏانهن مسلسل سفر ۾ آھي. پر ماڻھو جي زندگي جو سفر تمام مختصر آھي جيڪو روشني کان اوندهه ڏي وڃي رهيو آھي. موت زندگي جو اونداهو سفر آھي، جيڪو ڪهڙي به عمدي زندگي کي اوندهه ڏانهن ڌڪيندو رهي ٿو.

هيلوڪين برساتن ڪيترا ماڻھو اوندهه ۾ ڌڪي انهن جي زندگين جو انت آندو آھي، انهن جي ويندڙ زندگين جو ڪوئي ازالو ڪونهي، هو ماڻھو پنهنجا ڳهيلا ڳوٺ ماڳ مڪان ٻار ٻچا ڇڏي، ابدي ننڊ سمهي پيا آھن، مون کي هن صورتحال تي اياز جون هي سٽون ياد ٿيون اچن.
ظاهر ته اوندهه ٿي لڳي

ڪا اڳتي روشني نه آ،

ڄڻ موت آھي خاتمو

ڪا زندگي اڳتي ڪانه آ،