اڏيرولال(ن پ ا): اڏيرولال اسٽيشن ۾ ناقص ۽ خراب شين جي وڪري خلاف عوامي شڪايتن کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضيٰ شاهه ۽ اي سي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي جي حڪم تي انڊر ٽريننگ اسسٽنٽ ڪمشنرز وليد ڏاوچ، احسان مورائي ۽ حسنين رضا اوچتا ڇاپا هنيا، ڪيترا ئي دڪاندار دڪانن جا شٽر هيٺ ڪري فرار ٿي ويا، ناقص ۽ غيرمعياري مال تيار ڪري وڪرو ڪندڙ نديم بيڪري سيل، هوٽل مالڪ غلام حسين گرفتار ڪيو ويو، مرغي، مڇي ۽ سبزي جي دڪان مالڪن تي ڏنڊ وڌو ويو.