اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

0
184

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ کي پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ بعد اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات دوران ٻنهي پارٽيز جا اڳواڻ به موجود، مولانا فضل الرحمان طرفان شهباز شريف کي جيل مان آزادي تي واڌايون، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ نويڪلائي ۾ به ملاقات ٿي، پ پ ۽ اي اين پي جِي پي ڊي ايم ۾ واپسي سوڌو ٻين اهم معاملن تي صلاح مشورا، مولانا فصل الرحمان طرفان اڄ شام جو پريس ڪانفرنس دوران اهم اعلانن جا امڪان آھن.