سنڌ ڪابينا دوائن ۽ ميڊيڪل جو سامان خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
257
آدم شماري سوڌو سي سي آءِ جي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا دوائن ۽ ميڊيڪل جو سامان خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس دوران روينيو بورڊ جون تجويزون منظور، وڏي وزير ماس ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۾ عملي جي مقرري بابت ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ورتي، ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ آبپاشي کاتي جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي تجويزن جو جائزو وٺڻ بعد رپورٽ ڪابينا آڏو پيش ڪندي، ڪابينا سنڌ فنڊز مئنيجمينٽ هائوس بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي، بورڊ جو چيئرمين وڏو وزير هوندو، بل تحت بورڊ پينشن، پراويڊنٽ ۽ ٻين فنڊز جي سيڙپڪاري بابت فيصلا ڪندو.