ڪراچي (م ڊ) اٽارني جنرل خالد جاويد خان  تاحيات نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته حڪومت جي ڪرمنل قانون ۾ ترميمن تي وڪيل برادري جي خدشن جي به حمايت ڪئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته تاحيات نااهلي بابت فيصلي جو فورم سپريم ڪورٽ نه پر پارليامينٽ آهي. درخواست  گذار ڌريون فيصلي تي نظرثاني ڪن. عدليا کي ان ۾ نه گهليو وڃي. 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته آئون ذاتي طور سمجهان ٿو ته پاڻمرادو ڪيسن ۾ جوابدارن کي اپيل جو حق ملڻ گهرجي. آئين جي شق 184 ٿري جو معاملو عوامي حقن جو آهي، ان کي انفرادي ڪيسن ۾ شامل ڪرڻ نامناسب آهي. پارليامينٽ ۾ سمورين پارٽين جو اتفاق ٿي سگهي ٿو. ان جو حل اهو آهي ته پارليامينٽ تفصيلي بحث ڪري ۽ ان ۾ ترميم ڪئي وڃي. بار ڪائونسلز کي اهو معاملو نه نه کڻڻ گهرجي. هن ڪرمنل قانون ۾ ترميم تي وڪيلن جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار سان صلاح ڪرڻ گهرجي، وڪيلن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪو قانون نه ٺهڻ گهرجي، هي تجويزون آهن انهن تي صلاح نه ٿي آهي پر ٿي سگهي ٿي. قانون پاس ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ، پاڪستان بار، اين جي اوز سان صلاح ڪئي وڃي. ٽيڪنالاجي جي استعمال سان آساني ٿيندي. هن چيو ته نوازشريف واري معاملي تي شهباز شريف کي نوٽيس ڪابينا جي چوڻ تي اماڻيو آهي. نواز شريف جي سرگرمين مان لڳي ٿو ته نواز شريف جي حالت سيريس نه آهي، آيو ڇو ناهي ان جو سبب طبي هوندو. اهو فراهم ڪيو وڃي. لنڊن ۾ تصديق ڪرائڻ جي اسٽيج نه آئي آهي، شهباز شريف رپورٽون ڏنيون ته ان جي نوبت نه ايندي. شهباز خلاف ڪارروائي مقصد نه آهي پر ان جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي. هن پنهنجي استعيفا جي باري ۾ چيو ته هن وقت ڪم ڪري رهيو آهيان ويندس ته خبر پئجي ويندي، فوري طور تي وڃڻ جو ارادو نه آهي. ڪجهه ڪيس التوا ۾ آهن، وزيراعظم به چيو آهي عزت سان رهڻ ۽ وڃڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته نيب ڪيسن ۾ گرفتارين جي خلاف آهيان، بنا جاچ جي گرفتاري نه ٿيڻ گهرجي. نيب به گرفتاريون سوچي سمجهي ڪري ماڻهن جا پٽڪا نه لاهي.