ڪراچي (پ ر) ملڪي دل جي مرضن واري اداري (اين آءِ سي وي ڊي) سنڌ حڪومت جي سهڪار سان “ملير ڪنٽونمينٽ سي بي ايم هيلٿ سينٽر” ڪراچي ۾ پنهنجي 31 هين سينٽر جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ڪري دل جي مريضن کي فوري طبي امداد بلڪل مفت فراهم ڪئي ويندي، تقريب ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ملير ڪنٽونمينٽ ۾ قائم ڪيل سينٽر ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو 16 هون چيسٽ پين يونٽ آهي ان موقعي تي اين آءِ سي وي ڊي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر ملير ڪنٽونمينٽ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي 31 هين سينٽر جي قيام کي ڪراچيءَ جي عوام لاءِ هڪ وڌيڪ تحفو قرار ڏنو،