ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري باءِ پاس جي رهواسي منظور علي ماڇي جي گهر مان گذريل رات نامعلوم چور گهر جو دروازو ڀڃي 35 هزار روڪ رقم، 50 هزارن جا سونا زيور، ڪپڙا ۽ ٻيو گهرو سامان چوري ڪري ويا. اطلاع تي پوليس پهچي کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا، جيڪي عاشق مرکنڊ جي گهر لڳا، جتان پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي معشوق مرکنڊ کي گرفتار ڪري ورتو.