ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي حيدرآباد  جي ٽيم پاڪپتن ۾ ڇاپو هڻي  بينڪ ملازم بڻجي شهرين سان فراڊ ڪندڙ جوابدار ياسر نديم کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدار هڪ شهري جي اڪائونٽ مان 6 لک رپيا فراڊ ذريعي ٽرانسفر ڪيا، جوابدار خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي