ڪراچي(دلچسپ نيوز) اوپو پنهنجو نئون 5 جي اسمارٽ فون ڪي 9 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.چين ۾ هڪ ايونٽ دوران ڪمپني طرفان هڪ اسمارٽ ٽي وي، ٽي ڊبليو ايس ايئر فونز ۽ فٽنس بينڊ سان گڏ هن فون کي پيش ڪيو ويو.اوپو جي 9 فائيو جي ۾ اسنيپ ڊراگون 768 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪلر او ايس 11.1 سان ڪئي وئي آهي.فون جي اندر 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج موجود آهي.ڪمپني موجب ڪي 9 فائيو جي ۾ ٿري ڊي ليڪوئيڊ ڪولنگ سسٽم ڊيوائس جي ڪارڪردگي کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي.