وارسا(دلچسپ نيوز) نازي فوجي ڊائري مان محل ۾ لڪيل خزاني جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پولينڊ ۾ حڪومت کي هڪ اڳوڻي فوجي جي ڊائري هٿ اچي وئي آهي. ڊائري ۾ 5 کرب رپين کان وڌيڪ ماليت جي خزاني جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس محل جي کوٽائي ڪري سون سان ڀريل 48 ڪريٽس هٿ ڪيا ويا آهن. ڊائري ۾ سون جو وزن 10 ٽن ڄاڻايل هو ۽ اهو هٽلر جي فوج لڪايو هو. پوليس موجب سون لڪائڻ دوران 5 فرانسيسي فوجين کي پڻ قتل ڪيو ويو هو. پوليس موجب محل جي کوٽائي دوران فرانسيسي فوجين جي باقيات پڻ هٿ آئي آهي.