اوٻاوڙو: اوٻاوڙو تعلقه اسپتال ۾ رڳو 10 بيڊ جي گنجائش آهي جنهن سبب لاشن کي نٽھڻ اُس ۽ سخت گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ وڻن ھيٺيان رکيو ويو جڏهن ته زخمين کي به زمين تي لٽايو ويو. تڪ جي ايم پي اي مير شھريارخان شر پنهنجي ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سخت گرمي ۽ نٽھڻ اُس ۾ لاشن ۽ زخمين کي بوگين مان ڪڍندو رهيو سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا.