لاڊز(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيسٽ ميچ ۾ هڪ تماشائي ڀارتي ٽيم جي شرٽ پائي گرائونڊ ۾ داخل ٿي ويو ۽ پاڻ کي ڀارتي رانديگر ظاهر ڪندو رهيو. لاڊز ۾ جاري ڀارت ۽ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز جي ميچ ۾ اُن وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي، جڏهن هڪ برطانوي شهري ماني جي وقفي بعد ڀارتي ٽيم جي ڪٽ پائي گرائونڊ ۾ داخل ٿي ويو ۽ ٽيم سان گڏ فيلڊنگ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي اهلڪار جڏهن اُن شخص وٽ ويو ته هو پاڻ کي ڀارتي رانديگر ظاهر ڪرڻ لڳو ۽ اهلڪارن سان منهن ماري ڪندي کيڏڻ جي ضد ڪئي. سيڪيورٽي ادارن ان شخص کي پڪڙي گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍيو، اها سڄي صورتحال تقريبن 10 کان 15 منٽ جاري رهي، ڀارتي رانديگرن ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.