موٽريال(اسپورٽس نيوز) ٽاپ سيڊ ڊينيئل ميدويڊوف جان انسر ۽ رلي اوپيلڪا اسٽيفانوس اسٽسپاس کي شڪست ڏئي راجرز ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. راجرز ڪپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو ڪينيڊا جي شهر مونٽريال ۾ جاري آهي. مينز سنگلز مقابلن جي پهرين سيمي فائنل ۾ٽاپ سيڊ روس جي ڊينيئل ميدويڊوف امريڪا جي جان اسنر کي آساني سان شڪست ڏني ۽ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. سندس ڪاميابي جو اسڪور 2-6 ۽ 2-6 رهيو، ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ امريڪا جي رلي اوپليڪا ٿرڊ سيڊ يونان جي استيفانوس اسٽسپاس خلاف سخت مقابلي بعد ڪاميابي حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.