اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)ٽوڪيو اولمپڪس ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ارشد نديم ۽ طلحهٰ طالب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي ايٿليٽس کي 10-10 لک رپيا روڪ رقم ايوارڊ طور ڏنا ويا. جاپان جي شهر توڪيو ۾ ٿيل اولمپڪس گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ارشد نديم ۽ طلحهٰ طالب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي اسپورٽس بورڊ ۽ ارشد نديم جو ڪوچ فياض بخاري به موجود هو.