انڊسٽري ۾ ڪم لاءِ وزن گهٽايو: شهناز گل سبب ٻڌائي ڇڏيو

0
230

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 مان شهرت ماڻيندڙ پنجابي گلوڪارا شهباز گل انڪشاف ڪيو آهي ته انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مون پنهنجو وزن گهٽايو آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي مداحن سان لائيو سيشن ڪندي هن ٻڌايو ته وڌيڪ وزن هجڻ سبب انڊسٽري ۾ ڪم نٿو ملي انڪري مون پنهنجو وزن گهٽائڻ لاءِ پلان جوڙيو. هن چيو ته انڊسٽري ۾ سنهڙيون ڇوڪريون کپن، بگ باس ۾ پهرين به آئون هيس ۽ هاڻي به آئون ئي آهيان.