سرينا وليمز 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو ومبلڊن جي پهرين ئي رائونڊ ۾ آئوٽ

0
343

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) امريڪي ٽينس اسٽار سرينا وليمز ومبلڊن ٽينس چيمپئن شپ جي پهرين ئي رائونڊ ۾ آئوٽ ٿي وئي آهي. سرينا وليمز وملبڊن جي پهرين ئي رائونڊ جي ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي وئي، جنهن سبب کيس ميچ اڌ ۾ ڇڏڻي پئي. سرينا وليمز ان وقت انجري جو شڪار ٿي جڏهن پهرين سيٽ ۾ مقابلو 3-3 تان برابر ٿيو. امريڪي ٽينس اسٽار ومبلڊين جي پهرين رائونڊ مان آئوٽ ٿيڻ سبب روئي ويٺي، سندس چوڻ هو ته دل ٽٽي پيو، ڄهنگ ۾ انجري جي ڪري ايونٽ اڌ ۾ ڇڏڻو پئجي رهيو آهي. ياد رهي ته 20 سالن ۾ اهو پهريون موقعو آهي جو سرينا وليمز چيمپئن شپ لاءِ پهرين رائونڊ کان اڳتي نه وڌي سگهي آهي.