ايبٽ آباد: 12سالن جي سلينا خواجه طرفان براڊ پيڪ سر ڪرڻ جو عزم

0
482

ايبٽ آباد (اسپورٽس نيوز)ايبٽ آباد سان واسطو رکندڙ 12 سالن جي جبل چاڙهو سلينا خواجه اسڪردو پهچي وئي آهي، سلينا 8 هزار 47 ميٽر بلند براڊ پيڪ سر ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. سلينا خواجه جو چوڻ آهي ته الودگي سبب ماحول تباهه ٿي چڪو آهي، مان دنيا کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي. واضح رهي ته سلينا 2019ع ۾ 7 هزار 27 ميٽر بلند چوٽي، اسپنٽنگ سر ڪري دنيا جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪيو هو، سلينا اهو رڪارڊ 10 سالن جي عمر ۾ قائم ڪيو هو.