انوکو نظراچڻ لاءِ نوجوان نڪ ۽ 2 آڱريون ڪٽائي ڇڏيون

0
286

براسيليا (دلچسپ نيوز) انوکو نظراچڻ لاءِ نوجوان نڪ ۽ 2 آڱريون ڪٽائي ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برازيل ۾ 44 ورهين جي مائيڪل فارو ڊو پراڊو جا سوشل ميڊيا تي چرچا آهن جڏهن ته عالمي ميڊيا به کيس وڏي ڪوريج ڏئي رهي آهي. نوجوان پنهنجي سموري جسم تي ٽيٽو ٺهرائي ڇڏيا آهن جڏهن ته پنهنجي جسم ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون آهن. مائيڪل فارو ڊو پراڊو سرجرين ذريعي پنهنجو اڌ نڪ ۽ 2 آڱريون پڻ ڪٽرائي ڇڏيون آهن ان حوالي سان مائيڪل جو چوڻ آهي ته منهنجي خواهش آهي ته آئون شيطان جيان نظر اچان انڪري پنهنجي جسم ۾ تبديليون آنديون آهن هن چيو ته مون پاڻکي جانورن جهڙو نظر اچڻ لاءِ هٿرادو سنڱ ۽ چاندي جهڙا ڏند به لڳرايا آهن. نوجوان پنهنجون مختلف تصويرون ڪڍرائي سوسل ميڊيا تي شيئر ڪندو رهي ٿو.