جرمني ۾ کوٽائي دوران هرڻ جي پيرن مان ٺهيل قديم زيور دريافت

0
211

برلن (دلچسپ نيوز) جرمني ۾ کوٽائي دوران هرڻ جي پيرن مان ٺهيل قديم زيور دريافت ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جرمني جي هارز مائونٽين واري علائقي ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي تاريخي هنڌ جي کوٽائي مان زيور هٿ آيا آهن. ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته هٿ آيل زيور 51 هزار سال قديمي آهن، جيڪي هرڻ جي پيرن جي هڏي مان ٺاهيا ويا هئا. ماهرن موجب شروعاتي دور جي انسانن جهڙي مخلوق نيندرٿلز به جمالياتي ذوق ۽ فنون لطيفه جو شوق رکندڙ هئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو فني ڪم 6 انچ ڊگهي انفرادي لائنن تي هڏين مٿان ڪيو ويو هو جنهن تي وڏي مهارت ٿيل آهي. ٻئي طرف اهي قديمي زيور هٿ اچڻ بعد ماهرن لاءِ ان دور جي ماڻهن جي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻڻ لاءِ نوان رستا کلي ويا آهن. جابلو علائقي جي يوني ڪورن غار مان هٿ آيل انهن قديمي زيورن تي وڌيڪ تحقيق جاري آهي جڏهن ته ڄاڻايل علائقي ۾ پڻ وڌيڪ سروي ڪئي پئي وڃي.