انضمام الحق جي بابراعظم تي ڇتي تنقيد

0
379
انضمام الحق جي بابراعظم تي ڇتي تنقيد

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز جي لڳاتار چوٿين شڪست تي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق جي بابراعطم تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي. رڪيٽ پاڪستان موجب انضمام الحق بابراعظم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان ورلڊ نمبر ون رانديگر آهيو ۽ 20 اوورن تائين وڪيٽ تي موجود رهو ٿا پوءِ به ميچ نه کٽرائي سگهو ته ان کان اهو بهتر آهي ته اوهان پهريان ئي پويلين موٽي وڃو. واضح رهي ته پشاور زلمي خلاف بابراعظم 90 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي پر سندس ٽيم 9 رنسن تان ميچ هارائي وئي هئي.

 

ھي به پڙھندا

قلندرز دلچسپ مقابلي بعد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي