انشاءُ الله وزيراعظم ٿي ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائيندس: بلاول ڀٽو

0
44
انشاءُ الله وزيراعظم ٿي ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائيندس: بلاول ڀٽو
انشاءُ الله وزيراعظم ٿي ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائيندس: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ لاءِ 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي جي ڪاميابي تمام گهڻي ضروري آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  يوم ڪشمير يڪجهتي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته  ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 8فيبروري جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي، پاڪستان ۾ نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست جو خاتمو ڪري قوم کي اتحاد ۽ اتفاق جي طاقت ۾ پروڻڻ ڪشمير ڪاز لاءِ اڻٽٽ آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موقف کي اڳتي وڌائڻو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو، شهيد بينظير ڀٽو جي ان قدم جو پڙاڏو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌجي ٿيو، انشاءُ الله وزيراعظم ٿي ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائيندس