انسانن، شينهن، ٻلين بعد پهريون هرڻ به ڪورونا وائرس جو شڪار

0
407

واشنگٽن(دلچسپ نيوز) گذريل ٻن سالن کان سڄي دنيا ڪورونا وائرس جي وڪڙ ۾ آهي، وبا سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته وبا خلاف تيار ڪيل ويڪسين جو سلسلو پڻ جاري آهي. هاڻ وري انسانن کانپوءِ مختلف جانورن ۾ به هي مرض پکڙجي رهيو آهي.  آمريڪا جي زراعت کاتي اوهائيو ۾ هڪ هرڻ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. زراعت کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اڇي پُڇَ وارو جنگلي هرڻ سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ پهريون هرڻ آهي. بيان موجب ان کان اڳ مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هرڻ  وائرس جي ڪري متاثر ٿي سگھن ٿا جڏهن ته ڪجهه جنگلي هرڻن ۾ وائرس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اينٽي باڊيز به موجود آهن پر اڃا تائين ڪنهن به هرڻ ۾ انفيڪشن جا ڪلينيڪل آثار نظر اچڻ جا ڪي به اطلاع نه آهن. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ جانورن ۾ ڪووڊ 19 جا ڪيس سامهون آيا آهن جن ۾ ڪتو، ٻليون، شينهن، برفاني چيتو، اٺ ۽ گوريلا وغيره شامل آهن. يو ايس ڊي اٿ موجب وڌيڪ انفيڪشن انهن جانورن ۾ رپورٽ ٿيو آهي جن جو ڪورونا وائرس سان متاثر شخص سان ويجهو رابطو هو.