اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 14 نقاطي ايجنڊا سميت ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا فلسطين جي هاڻوڪي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ فيصلو ڪيو ته فلسطين جي مسلمانن کي هر ممڪن طور طبي امداد سرڪاري سطح تي موڪلي ويندي، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان فلسطين جي صورتحال تي عالمي اڳواڻن سان ٿيل رابطن ۽ ملاقاتن بابت وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو، وفاقي ڪابينا ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ان مامري تي جيڪي به ٽيڪنيڪل معاملا سامهون ايندا اهي پيپرا اٿارٽي کي جائزو وٺڻ لاءِ اماڻي ڇڏيا آهن، وفاقي ڪابينا گڏيل قومن واري اداري جي 4 گاڏين کان پاڪستان مان ڪابل کڻي وڃڻ جي منظوري پڻ ڏني، ڪابينا پاڪ چين سفارتي لاڳاپن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگار سڪو جاري ڪرڻ، ريلوي پوليس جي دائري اختيار بابت ايس آر او جاري ڪرڻ، اليڪشن ڪميشن جي سالياني رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ، نجي ايئر لائين ڪمپنين پيسينجر ۽ ڪارگو لائسنس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي منظوري، اليڪٽرانڪ سرٽيفڪيشن ايڪريڊيشن ڪائونسل جي ميمبرن جي مقرري، پرڏيهي ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي مقرر ڪرڻ وارا مامرا ملتوي ڪيا ويا، وفاقي ڪابينا اي سي سي جي گذريل اجلاس سميت ڪابينا جي سڌارن بابت ڪاميٽي ۽ قانون سازي ڪاميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.