اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڌانڌلي ڪرڻ جو نئون طريقو آهي:مريم نواز

0
194
نيب رڳو استعمال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ نيب چيئرمين جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو جڏهن آيو ته موقف ڏينداسين.

نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي آھي، مريم نواز صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڌانڌلي ڪرڻ جو نئون طريقو آهي، جنهن حڪومت جي پيڙهه ڌانڌلي تي ٻڌل هُجي، اُن جو شفاف چونڊن سان ڪوبه واسطو نه هوندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف مريم نواز جي اپيل تي ٻڌڻي جاري آھي.