بجلي ڪمپنيون عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏينديون ؟

0
200
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هر سرڪاري اداري توڙي کاتي جي حالت اهڙي آهي جو عوام  سدائين  احتجاج تي مجبور هوندو آهي. اهي ادارا يا  شعبا وفاقي حڪومت جي ماتحت هجن يا صوبائي سرڪار جي نگراني ۾ ڪم ڪندا هجن، انهن جي ڪارڪردگي رڳو ڪاغذن تائين ئي محدود هوندي آهي پر ميدان تي ڪاري وارا ڪک هوندا آهن. سڄي سنڌ ۾ بجلي مهيا ڪندڙ سيپڪو ،حيسڪو ۽ ڪي اي جي ڪهاڻي به ذري گهٽ اهڙي ئي آهي .ڪي اي توڙي خانگي شعبي جي حوالي آهي  پر انهي جي ڪارڪردگي به سيپڪو يا حيسڪو جي ڀيٽ ۾ ڪا بهتر ناهي.

هڪ طرف حڪومتي وزير مشير دعوائون ڪندي نه ٿا ٿڪجن ته سسٽم ۾ اضافي بجلي موجود آهي ته ٻئي طرف لوڊشيڊنگ جو اهو حال آهي جو 18 ،18ڪلاڪن تائين ٻهراڙين ۾ بجلي نه هوندي آهي . مٿان وري عذاب اهو جو ماڻهن ڏانهن  ڳاٽي ٽوڙ بل موڪليا وڃن ٿا.روز نوان ٽئڪس بجلي جي بلن ذريعي اوڳاڙيا وڃن ٿا يا وري ان جي لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي پر جڏهن وري ان جي مقابلي ۾ سروس ڏسجي ٿي ته اها نه هئڻ برابر آهي. جنهن شهر ۾ بجلي 18 ڪلاڪ بند هجي ته اتان جي ڪاروبار سميت هر ڪاروهنوار رڪجي وڃي ٿو. اها رڳو ڪنهن هڪڙي شهر ۾ حالت ناهي پر ڪجهه وڏن شهرن کي ڇڏي باقي هر شهر ايستائين جو ضلعي سطح جي شهرن ۾ به بجلي جي اهائي  حالت آهي. هاڻي ته ماڻهو دانهون ڪري ،جلوس ڪڍي ٿڪجي صفا مزاحمت تي مجبور ٿيا آهن جنهن جو مثال جوهي جهڙي تعلقي هيڊڪوارٽر جو شهر آهي جتي گذريل 24 ڪلاڪن کان شهري واپاري،سياسي سماجي ماڻهو گرڊ اسٽيشن آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته 24 ڪلاڪن مان اتي ٻه ڪلاڪ به بجلي نه ٿي ملي، جڏهن ته بل وري ڳاٽي ٽوڙ اچي رهيا آهن. رڳو جوهي شهر نه پر سنڌ جي هر شهر ۾ جيڪا غير اعلانيل لوڊشينگ ڪئي وڃي ٿي ان جو ڪارڻ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ملازمن جي اها ڪارستاني آهي جيڪي بجلي چورن کي رشوت عيوض کليل ڇوٽ ڏئي وري انهي جو پوراءَ اڻ اعلانيل لوڊشينگ ذريعي ڪري رهيا آهن ۽ اهو سڀڪجهه ڀوڳي اهو صارف ٿو جيڪو ايمانداري سان پنهنجو بل پياري ٿو. جڏهن ته حالت وري اها آهي ته ڪٿي ٽرانسفارمر پٽ تي پيا هوندا آهن ته ڪٿي تارن کي  ڪاٺين جو سهارو ڏنو ويندو آهي جنهن ڪري هر وقت انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي.مهينو ڏيڍ اڳ حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 9 جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

اسان سمجهون ٿا ته بجلي مهيا ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجي صارفين کي مطمئن ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ذميواري صحيح نموني ادا نه پيون ڪري سگهن، جنهن ڪري شهري احتجاج تي مجبور ٿين ٿا.تنهن ڪري وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها بجلي جي غيرقانوني ۽ اڻ اعلانيل لوڊشينگ جو نوٽيس وٺي ۽بجلي چوري ۾ ملوث  انهن ڪمپنين جي  ملازمن خلاف قدم کڻي جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.