ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اقتصادي ڪونسل جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي صحت ۽ تعليم لاءِ وڌيڪ فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته بجيٽ ۾ صحت لاءِ رڳو 30 ارب رپيا مختص ڪرڻ عوام کي ڪورونا حوالي ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن کي خوش ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ 68 ارب رپيا ۽ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ رڳو 5 ارب رپيا رکڻ عوام دشمني جي انتها آهي. هن چيو ته تعليم واري شعبي لاءِ 5.5 سيڪڙو فنڊ مختص ڪري عمران خان قوم جي مستقبل سان مذاق ڪيو آهي.هن وزيراعظم عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته وزيراعظم صاحب! جيڪڏهن روڊ ٺاهڻ سان ملڪ ترقي ناهي ڪندو ته پوءِ پنهنجي حڪومت جي آخري بجيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 38 سيڪڙو اضافو ڇو ڪيو ويو ؟ هن چيو ته ترقياتي بجيٽ کي به عمران خان سياسي انداز ۾ ورهائي ملڪ ۾ احساس محرومي کي وڌايو آهي، جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي انهن صوبن کي وڌيڪ ترقياتي بجيٽ ڏئي ثابت ڪيو ويو ته هُو پاڻ کي پوري مُلڪ جو وزيراعظم نه ٿو سمجھي. هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم هڪ سليڪٽڊ بجيٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر عاصم جي رهائشگاھ تي پهچي ساڻس سندس امڙ ڊاڪٽر اعجاز فاطمه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امڙ جي جدائي کان اولاد لاءِ ٻيو ڪو وڏو سانحو ناهي هوندو.