اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت مهانگائي گهٽائڻ ۾ ناڪام، واپاري خسارو ۽ قرض وڌي ويا، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي اچي وئي، ختم ٿيندڙ مالي سال 2020-21ع جي اقتصادي سروي اڄ خميس ڏينهن تي جاري ٿيندي، اڄ منجهند سوا 2 وڳي ڌاري ناڻي وزير شوڪت ترين ختم ٿيندڙ مالي سال 2020-21ع جي اقتصادي جائزي تي ٻڌل اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪندو، “پنهنجي اخبار” پاران اقتصادي سروي بابت هٿ ڪيل معلومات مطابق اقتصادي سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ختم ٿيندڙ مالي سال 2020-21ع دوران پاڪستان مٿان پرڏيهي قرض ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو، هلندڙ سال مارچ تائين پاڪستان مٿان پرڏيهي قرض 116 ارب 30 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو، گذريل سال مارچ تائين پاڪستان مٿان بيروني قرض 109 ارب 92 ڪروڙ ڊالر هو، جڏهن ته پاڪستان مٿان اندروني قرضن جي رقم 25 هزار 552 ارب تائين پهچي وئي، مارچ 2020ع ۾ پاڪستان مٿان اندروني قرض 24 هزار 478 ارب هئا، جولاءِ کان اپريل 2021ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 77 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو، هلندڙ مالي سال دوران سمنڊ پار پاڪستانين پاران ملڪ ڏانهن رقم 24 ارب 24 ڪروڙ ڊالر موڪلي وئي، هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ تجارتي خساري ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ تجارتي خسارو 27 ارب 28 ڪروڙ ڊالر رهيو، گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ تجارتي خسارو 21 ارب 7 ڪروڙ ڊالر هو، هلندڙ مالي سال جي 10 مهينن ۾ غير ملڪي سرمائيڪاري ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران غير ملڪي سرمائيڪاري ڏيڍ ارب ڊالر رهي، جڏهن ته گذريل سال جي پهرين 10 مهينن ۾ غير ملڪي سرمائيڪاري 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر هئي، هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن دوران مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 3 ارب 91 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 23 ارب 29 ڪروڙ ڊالر تي پهتا، جن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ خالص مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16 ارب 13 ڪروڙ ڊالر آهن، هلندڙ سال جي پهرين 11 مهينن ۾ بينڪن وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 7 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، هلندڙ سال مالي سال دوران بينڪن وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 7 ارب 16 ڪروڙ ڊالر آهن، اقتصادي سروي مطابق هلندڙ مالي سال دوران فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو، ڪمند جي پيداوار ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو، گذريل سال ڪمند جي پيداوار 6 ڪروڙ 63 لک 80 هزار ٽن هئي، جيڪا هلندڙ سال 8 ڪروڙ 10 لک ٽن کان وڌي وئي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 8.1 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن بعد ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 72 لک 93 هزار ٽن رهي، گذريل سال ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 52 لک 49 هزار ٽن هئي، مڪئي جي پيداوار ۾ 7.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، ائين مڪئي جي پيداوار 84 لک 65 هزار ٽن رهي، جيڪا گذريل سال 78. لک 83 هزار ٽن هئي، چانورن جي پيداوار ۾ 13.6 سيڪڙو اضافي کان پوءِ پيداوار 84 لک 19 هزار ٽن تي پهتي، جيڪا گذريل سال پيداوار 74 لک 14 هزار ٽن هئي، پٽاٽن جي پيداوار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ پٽاٽن جي پيدوار 57 لک 42 هزار ٽن تي پهتي، گذريل سال پٽاٽن جي پيداور 44 لک ٽن هئي، بصرن جي پيداوار ۾ 8.60 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ بصرن جي پيداوار 23 لک 4 هزار ٽن تي پهتي، جيڪا گذريل سال 21 لک 20 هزار ٽن هئي، مڱن جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو، جن هن کان پوءِ مڱن جي پيداوار 2 لک ٽن کان وڌي وئي، جيڪا گذريل سال هڪ لک 26 هزار ٽن هئي، اقتصادي سروي مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ لارج مينيوفيڪچرنگ شعبي جي گروٿ 8.9 سيڪڙو رهي، هڪ لک 51 هزار گاڏيون وڪرو ٿيون، گذريل سال جي 10 مهينن ۾ 98 هزار 986 گاڏيون وڪرو ٿيون هيون، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سيمينٽ جي وڪرو ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ هلندڙ سال جي 10 مهينن ۾ 5 ڪروڙ 20 لک ٽن سيمينٽ وڪرو ٿيو، گذريل سال جي 10 مهينن ۾ 4 ڪروڙ 31 لک 80 هزار ٽن سيمينٽ وڪرو ٿيو هو، هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ پيٽرول جي وڪري ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ 74 لک ٽن پيٽرول هلندڙ سال جي 11 مهينن ۾ وڪرو ٿيو، گذريل سال جي 11 مهينن ۾ 66 لک ٽن پيٽرول وڪرو ٿيو هو، جڏهن ته ان عرصي ۾ ڊيزل جي وڪري ۾ 11 سيڪڙو اضافو ٿيو، 69 لک ٽن هلندڙ سال جي 11 مهينن ۾ ڊيزل وڪرو ٿيو، گذريل سال جي 11 مهينن ۾ 58 لک ٽن ڊيزل وڪرو ٿيو هو، ان عرصي ۾ هلندڙ سال دوران 45 سيڪڙو فرنيس آئل جي وڪري ۾ اضافو ٿيو ۽ ائين 26 لک ٽن فرنيس آئل وڪرو ٿيو، جيڪو گذريل سال 18 لک ٽن وڪرو ٿيو هو، سال 2021ع جي مئي تائين 5 مهينن ۾ يوريا ڀاڻ جي وڪري ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو، 5 مهينن ۾ 22 لک ٽن يوريا ڀاڻ وڪرو ٿيو، جڏهن ته 5 مهينن ۾ 4 لک 87 هزار ٽن ڊي اي پي وڪرو ٿيو، هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ 4 هزار 173 ارب رپين جون ٽيڪس وصوليون ٿيون، حڪومت مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ وارو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، مهانگائي جي شرح مئي 2021ع ۾ 10.87 سيڪڙو رهي، جڏهن ته حڪومت پاران مهانگائي جي شرح جو هلندڙ سال دوران حدف 6.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو.